شڪاگو جي « انارڪسٽ » شھيدن کي سياھ و سرخ سلام (1st ofMay)

شڪاگو جي « انارڪسٽ » شھيدن کي سياھ و سرخ سلام

« محسن پلھ »

ڇا توھان شڪاگو جي انارڪسٽ مزدورن بابت ڄاڻيو ٿا؟

شڪاگو جا شھيد ڪير آھن؟ آخر مزدورن جو ڏينھن ڇو ملھايو ويندو آھي؟ ان جي تاريخي داستان ڇا آھي؟

شڪاگو آمريڪا جو ٽيون نمبر وڏو شھر آھي، ھي 19 صدي جو دور آھي، جنھن وقت آمريڪا ۾ صنعتي مزدورن جي بدترين حالت ھئي، جتي مزدور عورتن کان ويندي ٻارن جي حالت تمام خراب ھئي، بيروزگاري پنھنجي اروج تي ھئي، ھن بي روزگاري ۾ ھنر مند مزدور به شامل ھيا (1880) کان (تارڪ وطن) ملڪ ڇڏيندڙن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو ھيو، ۽ اھا ڲالھ صاف ھئي ته ملڪ ۾ عملي طور تي صنعتي مزدورن جي لاء ڪو قانون موجود ئي نه ھيو، جنھن جي ڪري مزدورن کي 18 کان 16 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻي پوندي ھئي، جنھن سبب مزدورن جي سماجي زندگي مڪمل طور تباھ بڻیل ھئي، ايتري قدر جو اينگلز پنھنجي ڪتاب « ڪنڊيشن آف انگلش ورڪنگ ڪلاس » ۾ لکي ٿو ته مزدور فيڪٽرين ۾ ارڙھن ڪلاڪ ڪم ڪندي ڪندي اتي ئي ننڊ پئجي ويندا ھئا ۽ صبح جو اٿي وري ڪم شروع ڪندا ھئا، انھن کي پنهنجي گھر ۽ سماجي رشتن کان به مڪمل لاتعلق ڪيو ويو ھو،

انھي حالتن ۾ 1870 ۾ « انارڪسٽ ڪامريڊن » پاران

(ايٽ ھارس ليگ Eight hours league) جوڙي وئي، جنھن جو مقصد مزدورن جي حقن لا جدوجھد ڪرڻ ھيو، جن جو چٽو ۽ واضع موقف اھو ھيو ته مزدورن جي ڊيوٽي جو وقت طئي ڪري 8 ڪلاڪ مقرر ڪيو وڃي، ۽ انھن جي پگھار (تنخوا) کي بھتر ڪيو وڃي جيئن مزدور خوشحال زندگي گزاري سگھن، ۽ انھن چوويھ ڪلاڪن کي تقسيم ڪندي اَٺ ڪلاڪ ڊيوٽي، اَٺ ڪلاڪ تفريح، اٺ ڪلاڪ آرام، جو نعرو لڳايو،

پھرين مئي 1886 (ميڪ ڪارمڪ ھارويسٽر) ڪمپني ۾ جاري ھڙتال جنھن ۾ مزدور اھو مطالبو ڪري رھيا ھئا ته اسان جي ڊيوٽي جو وقت « 8 » ڪلاڪ مقرر ڪيو وڃي، ته جيئن اسان پنھنجي سماجي زندگي بھتر نموني گذاري سگھون، انھي دوران پوليس جي ڀاري نفري پھتي جنھن انھن مزدورن تي حملو ڪري ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور مارجي ويا ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿيا،

ان کليل دھشتگردي خلاف « 4 » مئي تي

( ح/ Hay ) مارڪيٽ چونڪ تي جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسو اختتام پذير ٿي رھيو ھيو ته ٻيھر پوليس جي ڀاري نفري جلسي ڪندڙن تي ڪڙڪي پئي ۽ ان کانپو ڪنھن روپوش قسم جي ماڻھون حوا ۾ ڌماڪا خيز مواد اڇلايو ۽ ڌماڪو ٿي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ مزدور ۽ ڪجھ پوليس اھلڪار مارجي ويا، افسوس سان ھن واقعي جي ڪڏھن به جاچ پڙتال نه ٿي ته ھن واردات جي پٺيان ڪنھن جو ھٿ ھيو، پوليس گھڻن مزدورن کي حراست ۾ ورتو جنھن ۾ اھي « 8 » انارڪسٽ به شامل ھيا، جن مزدورن جي حقن جي جدوجھد ڪرڻ لا ۽ ايٽ ھارس ليگ جوڙي ھئي، جنھن ۾ البرٽ پارسنز, آگسٽ سپائيز, لوئيس لنگ, اڊولف فشر, جارج انجل, مائيڪل شواب, سيموئل فيلڊن ۽ آسڪر نپي شامل ھيا جن کي بہ گرفتار ڪيو ويو،

جنھن کان پوء سرمائيدارن ۽ تاجرن جي اخبار (سٽيزن ايسوسي ايشن) ۾ انارڪسٽن خلاف ڀرپور مھم ھلائي وئي ۽ اپيل ڪئي وئي ته انارڪسٽن کي موت جي سزا ٻڌائي وڃي، تعصب جي بنياد تي ڪورٽ ھنن مان 5 ڄڻن کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي، جڏھن (آگسٽ اسپائيز) کي تخته دار تي آندو ويو ته ھن تاريخي لفظ چيا جيڪي تاريخ جي سنھرن پنن تان ڪڏھن مٽجي نٿا سگھن،

« آگسٽ اسپائيز »

سڀ مزدور اسان جا آھن، سب گل اسان جا آھن، اسان جو آواز ڦاسي جي ذريعي خاموش ڪيو پيو وڃي، پر اھو ڏينھن پري نه آھي جڏھن اھو خاموش آواز ھڪ طاقت ٿي گونجندو، ۽ سڀ ظالم نست و نابود ٿي ويندا،

« البرٽ پارسنز »

البرٽ پارسنز کي جڏھن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته ان چيو مون تي قتل جا ڪوڙا ڪيس ڪري منھنجي آواز ۽ نظرين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مون کي انارڪزم جو ڏوھ ۾ سزا ڏني پئي وڃي، جيڪڏھن حڪمران سمجھن ٿا ته چند انارڪسٽن کي ڦاسي ڏيڻ سان ھو مزدورن تي پنھنجو ظلم جبر جاري رکي سگھن ٿا ته اھا انھن جي ڀُل آھي، ڪجھ انارڪسٽن جي قتل سان ھو انارڪزم جھڙي عظيم نظرئي کي ختم نٿا ڪري سگھن، انارڪسٽن کي اصول پنھنجي جان کان وڌيڪ اھم ۽ پيارا آھن، انارڪسٽ پنھنجي نظرئي جي ڪري ھر وقت مرڻ لاء تيار رھندا آھن، انارڪسٽن جو بنيادي اصول اجوري معاوضي ۾ نا انصافي جو خاتمو ۽ موجود نظام جي جڳھ تي آزاد خودمختيار معاشري جو قيام آھي، جيڪڏھن مون کي منھنجي انارڪسٽ فڪر جي ڪري ڦاسي ڏني وڃي ٿي ته مان ڦاسي لاء تيار آھيان،

« مائيڪل شواب »

ھتي جيڪو مقدمو ھلي رھيو آھي اھو ڪنھن قتل جو نه بلڪه انارڪزم جي خلاف خوني ڪاروائي ڪرڻ جو مقدمو ھلي رھيو آھي، انارڪزم طاقت جبر ۽ دولت جي غير مساوي تقسيم جي خلاف آھي، توھان طاقتور حاڪم ئي انھي خوني راند ۾ ملوث آھيو،

« ايڊولف فشر »

مان پنھنجي مٿان لڳل سڀن الزامن سميت ڦاسي جي سزا کي رد ڪيان ٿو، مان ڪوبه ڏوھ نه ڪيو آھي پر جيڪڏھن مون کي منھنجي نظرئي آزادي مساوات باھمي تعلق جي ڪري سزا ٻڌائي پئي وڃي ته مان بلند آواز ۾ چوان پيو ھي سر حاضر آھي،

« آگسٽ، اسپائيز »

محترم جج! منھنجي مٿان سڀ لڳل الزام توھان جون ئي گھڙيل ڪھاڻيون آھن توھان مون کي سزا ڏئي سگھو ٿا اسان جي فتح جي ڇو ته اسان اھي اَٺ شخص آھيون جيڪي رياستي جبر جي آڏو ڪونه جھڪيا آھيون،

« لوئس لنگ »

مان توھان جي قانون طاقت اختيار ۽ ادارن کي تمام حقير سمجھان ٿو مان اعلانيا چوان ٿو ته مان انارڪسٽ آھيان،

پنج انارڪسٽن کي ڦاسي جي ڦندي کي چمي ڏني ۽ « 2 » انارڪسٽن کي عمر قيد ۽ ھڪ کي 15 سال سزا ٻڌائي وئي، ھي اھي انارڪسٽ ھئا جن مزدورن جي حقن لاء جدوجھد ڪئي، اڄ مزدورن کي جيڪا اڻپوري سھولت موجود آھي انھن ۾ بي خوف انارڪسٽن جو لھو رت شامل آھي، انارڪسٽن ڦاسي کي قبول ڪيو پر سرمائيدارن ۽ رياستي جبر جي آڏو نه جھڪيا نه وڪيا،جڏھن انھن جا مڙھ جڏھن (ح) مارڪيث آندا ويا ته 4 کان 5 لک مزدورن جدوجھد ڪندڙ ساٿين جنازي ۾ شرڪت ڪئي ضرور اھو ريفرينڊم ئي رياستي ادارن جي لاء اڳتي ھلي موت ثابت ٿيو،

ڪجھ  » سوشلسٽ سرخا » ڪامريڊ غلط بياني ڪندي شڪاگو جي شھيدن کي « مارڪسسٽ » سڏيندا آھن ۽ تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪندا آھن، جيڪا انارڪسٽن جي جدوجھد سان نا انصافي آھي مان سمجھان ٿو ته سندن کي اھڙي ڪڌي ڪم تي تاريخ ڪڏھن به معاف نه ڪندي، شڪاگو جا شھيد مارڪسسٽ نه بلڪه اھر بي خوف انارڪسٽ ھئا،

اڄ جيڪي « مزدور » 8 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪن ٿا اھا حاصلات، جدوجھد انارڪسٽن جي ھئي ان ۾ انارڪسٽن جو (لھو رت) شامل آھي، ۽ اڄ به « انارڪسٽ » مزدورن سان ٿيندڙ ظلم ۽ نا انصافي تي خاموش نه آھن، انھن جون تحريڪون پوري دنيا اندر موجود آھن، جيڪي ھر وقت مزدور ھاري سان گڏ بيٺل رھن ٿيون،

توھان کي ٻڌائيندو ھلان ته پھرين مئي تي آمريڪا اندر ليبر ڊي نه ملھايو ويندو آھي جنھن مان انھن جي منافقت صاف ظاھر ٿي رھي آھي، پر دنيا اندر اڄ به « مزدورن » جو ڏينھن شڪاگو جي « انارڪسٽ » شھيدن سان يڪجھتي طور ملھايو ويندو آھي « انارڪسٽن » جي جدوجھد کي سياھ و سرخ سلام

Laisser un commentaire